اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو

اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ترقي پسند اديب ۽ سنڌيت جي سڄاڻ دانشور ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو لکيل آهي. 14 ننڍين ڪهاڻين تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي 148 صفحن ۽ خوبصورت ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب، مشهور اديب ۽ ڪونج رسالي جي ايڊيٽر هري موٽواڻيءَ جي نظرداريءَ ۾ شري بي. ڪي. ارون، انقلاب پرنٽنگ پريس، الهاس نگر 3 (ڀارت) مان ڇپائي، سورٺ پبليڪيشن ¾ آدرش نگر، بمبئيءَ مان پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو